سنڌي ڪافيون قلمي

سنڌي ڪافيون (قلمي): هن قلمي نسخي ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جون سنڌي ڪافيون موجود آهن. ان کان سواءِ سنڌ جي ڪجهه شاعرن جون سرائڪي ۽ اردوءَ ۾ پڻ ڪافيون موجود آهن. بياض جي آخر ۾ سنڌي بيت موجود آهن. قلمي نسخي جي شروعات هن طرح ٿيل آهي.
”آهي ته اجهاڳو پنڌ ڙي اديون“
۽ اختتام هيئن ٿيل آهي:
”هرڪو هلي ويو وارو وڄائي دانهن دلي سوڌو“
هي قلمي نسخو خط نسخ ۾ ڪتابت ٿيل آهي، جنهن جا شروعاتي ۽ آخري صفحا ضايع ٿي چڪا آهن، جنهنڪري ڪاتب سال ڪتابت جي خبر نه ٿي پوي. 249 صفحن تي مشتمل سنڌي ڪافين جو هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو